مورو جي سياسي سماجي اڳواڻن باءِ پاس تي نامياري اديب، تعليمي ماھر حميد سنڌي جو آخري ديدار ڪيو

news

مورو: جمعو 03 جنوري 2020ع: ناميارو اديب، تعليمي ماھر اڳوڻي وائيس چانسلر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي حميد سنڌي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

جنھن جي مڙھ کي حيدرآباد کان ايمبولنس ذريعي سندس شھر نوشھروفيروز نيو پئي ويو تہ مورو باءِ پاس تي آخري ديدار لاءِ مورو سان تعلق رکندڙ سياسي سماجي علمي ادبي، قومپرست حلقي جي اڳواڻن ڪارڪن اديب شاعرن ليکڪن سيد منظور علي شاھ منظور، شاھد لطيف، محبتي ملاح، اظفر سعيد ميمڻ، خادم بالادي، اسد سولنگي، محبتي ملاح، اشرف سولنگي، وزير فرھاد سولنگي، رضا ايوب لانگاھ، غلام مصطفيٰ عقاب ڇڄڙو، رزاق مستوئي، امير لغاري، احمد گل، واحد بخش کوسو، اياز سولنگي، غلام دستگير پپو ماچي، وحيد مستوئي، ماجد ٻگھيو، عنايت سولنگي ء ٻين گل نڇاور ڪري اجرڪ وجھي آخري ديدار ڪيو.

آخري ديدار دوران سڀني جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا ء سنڌ جي عظيم ليکڪ اديب حميد سنڌي جو آخري ديدار ڪندي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي سرخ سلام پيش ڪيو، ان موقعي تي مورو جي سياسي سماجي علمي ادبي حلقي سان واسطو رکندڙ اڳواڻن چيو تہ حميد سنڌي سنڌ جو حقيقي درد ھيو جنھن جھر جھنگ جي صورتحال کي پنھنجي قلم سان وائکو ڪري پنھنجي ڌرتي تي رھندڙن کي سنڌ جو سبق ڏئي سجاڳي ڏني ء سنڌي ٻولي جي خدمت پڻ ڪئي،

حميد سنڌي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين شاھ لطيف، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جو وائيس چانسلر پڻ رھيو، اڄ سنڌ ان عظيم شخص کان محروم ٿي وئي آھي.

جنھن جي وڇوڙي کانپوءِ سموري سنڌ سوڳوار آھي ء سوڳوار صورتحال تي سموري سنڌ سان تعزيت جو اظھار ڪيون ٿا ء حميد سنڌي جي ڪيل سنڌ ڌرتي سنڌي ٻولي لاءِ خدمتن تي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. حميد سنڌي جي وڇوڙي جي خبر تي سنڌ جي ادبي حلقن ۽ مورو نوشھروفيروز ۾ سوڳ جي لھر ڊوڙي وئي آھي.