ڊپٽي ڪمشنر دادو راجه شاهه زمان کهڙو جي هدايتن ڊي پي سي آر آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي گذري

news

دادو : جمعو 03 جنوري 2020ع: ڊپٽي ڪمشنر دادو راجه شاه  زمان کهڙو جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون دادونظيراحمد سومرو جي صدارت هيٺ ڊي پي سي آر آفيس ۾ صحت کاتي جي عملدارن پوليوجي ڦڙن پيارڻ ۽ حفاءتي ٽڪن لڳرائڻ بابت گڏجاڻي ٿئي گذري.

جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرڊاڪٽرزاهد حسين ڏاوڇ ۽ ڊسٽرڪٽ ڊي پي سي آرڊاڪٽرزاهد حسين کهرو۽ ٻين شرڪت ڪئي گڏجاڻي کي مخاطب ٿيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون چيوته ضلع دادو جي شهرن ، پڪي ، ڪچي ، پڪي ۽ ڪاڇو جي ڏورانهن  علائقن ۾ گذريل ڊسمبرمهيني ۾ پوليومهم ۾ جيڪي ٻارڙا پوليوجي ڦڙن پيئڻ کان رهجي ويا آهن.

انهن کي پوليو جي ڦڙن پيارڻ واري ڪم کي  يقيني بنائڻ لاء  موباعيل ٽيمون موڪليون وڃن ته جيئن  ڪوبه ٻار پوليو جي ڦڙن محروم نه رهي ۽ ان ساان هن ٻارڙن جي والدين کي اپيل ڪئي آهي هوپنهنجن ٻارڙن کي بيمارين جي حفاظتي ٽڪن وارو ڪورس مڪمل ڪرائين ان لاء انهن کي صحت کاتي سان مڪمل سهڪارڪن ته جيئن انهن جا گلن جهڙا معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين کان محفوظ رهن.

اجلاس ۾  ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ ڊي پي سي آر ٻڌايو ته گذريل ڊسمبر۾ پوليومهم دوران ضلعي دادوجي جملي 383102 ٻارڙن کي پوليوجا ڦڙا پيرايا ويا ۽  عوام ۾ پوليوجهڙي خطرناڪ بيماري جي معتلق ڄاڻ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي ۽ پوليوجهڙي موذي مرض جي خاتمي لاء اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ ۽ هي قومي فرض آهي ۽ ٻارڙن کي پوليوجهڙي خطرناڪ بيماري جي بچاء جا ٻه ڦڙا پيارڻ واري ڪم کي يقيني بنايووڃي.

هن ڪم ۾ آفيسريا پوليوجي ڦڙن پيارڻ وارين ٽيمن لاپرواهي يا سستي کي هرگزبرداشت نه ڪيوويندو ان جي خلاف سخت قانوني قدم کنيوويندو.