ٽنڊو محمد خان پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا، مين پڙي وڪرو ڪندڙن گرفتار

news

ٽنڊو محمد خان: جمعو 03 جنوري 2020ع: ٽنڊو محمد خان پوليس پاران مختلف ھندن تي ڇاپا ھڻي مين پڙي وڪرو ڪندڙن جوابدارن شعبان چانڊيو, احمداللله پٺاڻ, عبدالحميد پٺاڻ ,کي گرفتار ڪري  وٽائن ھڪ ھزار کان وڌيڪ مين پڙي, سفينا وڏي مقدار ۾ ھٿ ڪري سندن خلاف ڪيس داخل, کين جيل روانو ڪيو ويو.

  ٻئي طرف ايس ايس پي عابد بلوچ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ت  گرفتار جوابدار  شھرن کان ٻھراڙين طرف وڃي واپار ڪن ٿا کين ناڪا بندي ڪري کين سڳ سودو  گرفتار  ڪيو ويو آھي.

  ھن چيو ت ظلعي ۾ ڪنھن ب  منشيات فروش ۽ مين پڙي وڪرو ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو شھر مان مين پڙي ۽ ڪچو شراب جو خاتمو آڻينداسين.

ته جيئن اسان جو  نو جوان  نسل  منشيات جھڙي موضي مرض کان بچي سگھي ,ھن چيو ته  ڪافي حد تائين ضلعي اندر  منشيات  جو واھپو ختم ٿي چڪو  آھي پوليس  ڀر پور نموني سان منشيات خلاف مھم جاري رکيو اچي.

ضلعي اندر  امن امان قائم ڪرڻ منھنجي اول ڪوشش آھي ڏوھارين ۽ منشيات فروشن  خلاف سخت ڪاروائي ڪئي پئي  وڃي, آئون ظلعي ۾ امن چاھيان ٿو.