بختاور ڀٽو زرداريءَ جي اوچتو نئون ديرو آمد، شهيدن جي مزارن تي حاضري بعد زمينن جو دورو

news

نئون ديرو: جمعو 03 جنوري 2020ع: شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور ڀٽو زرداريءَ جي اوچتو نئون ديرو آمد، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزارن تي حاضري، ڀٽو اسٽيٽ جي زمينن جو دورو ڪرڻ بعد واپس رواني. رپورٽ موجب شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري خصوصي هوائي اڏام ذريعي اوچتو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي وئي.

جتي هن پنهنجي شهيد امڙ محترمه بينظير ڀٽو، ناني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ناني بيگم نصرت ڀٽو، مامن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو سميت ڀٽو خاندان جي مزارن تي حاضريون ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.

ان موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو جو چيئرمين الله ڏنو ڀٽو ساڻس گڏ هو. مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد بختاور ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس رواني ٿي وئي.

مزارن تي حاضري ڀرڻ کان اڳ ئي مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور خالي ڪرايو ويو جڏهن ته سيڪيورٽي جا پڻ غير معمولي انتظام ڪيا ويا.

بختاور ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس ڀٽو اسٽيٽ جون زمينون ۽ ڀٽو فارم جو دورو ڪيو جتي پ پ سٽي نئون ديرو جي اڳوڻي صدر خالد ميمڻ بختاور ڀٽو زرداريءَ کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ اوڍيو.

اسٽيٽ جي دوري دوران بختاور ڀٽو زرداري زمينن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ڀٽو فارم ۾ زيتونن جي باغ ۾ زيتون دير ٿيڻ بابت پڇاڻو ڪيو.

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ خالد ميمڻ کيس زيتونن کي ماڪڙ ۽ جيت لڳڻ ڪري پهتل نقصان بابت کيس آگاهي ڏني جنهن بعد بختاور ڀٽو زرداري واپس نئون ديرو هائوس پهچي خصوصي اڏام ذريعي واپس ڪراچيءَ رواني ٿي وئي.