قاسم سليماني کي جنگ روڪڻ جي لاءِ نشانو بنايو ويو: ڊونلڊ ٽرمپ

news

فلوريڊا: (ڇنڇر 04 جنوري 2020ع) آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته جنرل قاسم سليماني کي جنگ ڇيڙڻ جي لاءِ نه پر جنگ روڪڻ جي لاءِ قتل ڪيو آهي.

فلوريڊا ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا گذريل رات جيڪو  ڪيو اهو پهريان ٿيڻ گهرجي ها ان سان ڪيتريون ئي انساني جانيون محفوظ ٿين ها.

هن چيو ته تازو ئي قاسم سليماني جي سربراهي ۾ ايران ۾ مظاهرين مٿان وحشياڻو ظلم ڪيو ويو جتي ان جي پنهنجي حڪومت طرفان هڪ هزار کان وڌيڪ بي گناهه شهرين مٿان تشدد ڪيو ويو. صدر ٽرمپ چيو ته اسان گذريل رات جنگ روڪڻ جي لاءِ ايڪشن کنيو.

اسان جنگ جي شروعات جي لاءِ ايڪشن ناهي کنيو. آمريڪي صدر پنهنجي نيوز ڪانفرنس ۾ قاسم سليماني کي دنيا جو پهريون نمبر دهشتگرد قرار ڏيندي چيو ته قاسم سليماني جي دهشت جو راڄ هاڻ ختم ٿي چڪو آهي. آمريڪي فوج هڪ صحيح ڪارروائي ۾ کيس قتل ڪيو. ٽرمپ الزام هنيو ته قاسم سليماني آمريڪي سفارتڪارن ۽ فوجي شخصيتن تي حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيو هو پر اسان کيس پڪڙي ورتو.

هن وڌيڪ چيو ته منهنجي دل ۾ ايراني عوام جي لاءِ تمام گهڻي عزت آهي، هو شاندار ثقافت ۽ لامحدود جذبي جي اعليٰ طرف جا ماڻهو آهن، اسان ايران ۾ حڪومت جي تبديلي نٿا چاهيون حالانڪه خطي ۾ ايراني حڪومت جي جارحيت سميت پاڙيسرين کي غير مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پراڪسي وار جي استعمال کي لازمي طور تي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي هن وقت ئي ختم ٿيڻ گهرجي.

ياد رهي ته عراقي جي گادي واري شهر بغداد ۾ ٿيندڙ حملي ۾ ايران جي القدس فورس جو ڪمانڊر قاسم سليماني مارجي ويو هو.