وڌيڪ ٽڪ ٽاڪ ايپ ڊائون لوڊ ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان به شامل

news

لاهور: (ڇنڇر 04 جنوري 2020ع)  ٽڪ ٽاڪ ايپ کي دنيا جي مشهور ترين ايپس مان هڪ سمجهيو ويندو آهي جيڪا دنيا ۾ وڊيوز وائرل ڪرڻ جو هڪ ذريعو به آهي.

ان ايپ جي ذريعي صارفين لپ سنڪ ڪري وڊيو ٺاهي اپ لوڊ ڪندا آهن جڏهن ته ان ايپ جي ذريعي صارفين وائرل چيلنجن جو حصو به بڻجن ٿا. 2019 ۾ ان ايپ کي هن وقت وڌيڪ شهريت ملي جڏهن نومبر جي مهيني ۾ ايپليڪيشن کي پلي اسٽور ۽ ايپل اسٽور ٻنهي مان ئي هڪ ارب 50 ڪروڙ صارفين ڊائون لوڊ ڪيو ۽ ان ايپ جي مشهور ترين سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بڪ، ميسنجر کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.

هاڻ تازو ئي(پريوري ڊيٽا) جي طرفان ان ايپ جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن جنهن م ان ملڪن جي لسٽ آهي جتي 2019 ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽڪ ٽاڪ ايپ ڊائون لوڊ ڪئي وئي. ان لسٽ موجب 2019 ۾ ٽڪ ٽاڪ ايپ سڀني کان وڌيڪ ڀارت ۾ ڊائون لوڊ ڪئي وئي. ڀارت ۾ 2019 ۾ 19 ڪروڙ کان وڌيڪ صارفين مذڪوره ايپ ڊائون لوڊ ڪئي.

جيڪڏهن آمريڪا جي ڳالهه ڪئي وڃي ته گذريل سال آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ ايپ کي 4 ڪروڙ 10 لک صارفين ڊائون لوڊ ڪيو جڏهن ته ترڪي ۾ اهو انگ 2 ڪروڙ 30 لک رهيو. ان لسٽ ۾ چوٿون ۽ پنجون خاص طور روس ۽ پاڪستان جو آهي. جتي هڪ ڪروڙ 90 لک ماڻهن ٽڪ ٽاڪ ايپ ڊائون لوڊ ڪئي.