پاڪستان ۽ ايران هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

ڪوئٽه: (ڇنڇر 04 جنوري 2020ع) پاڪستان ۽ ايران پريشانين ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پاڪ ايران جوائنٽ بارڊر ڪميشن جو 23هون اجلاس چيف سيڪريٽري بلوچستان ڪيپٽن(ر) فضيل اصغر ۽ ڊپٽي گورنر سيستان بلوچستان محمد هادي مرعشي جي سربراهي ۾ ختم ٿيو.

اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ ايران 2 بهترين پاڙيسري ملڪ آهن ۽ هميشه هڪ ٻئي جي پريشانين ۾ مدد ڪندا رهندا ۽ ٻنهي کي واپاري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي به ضرورت آهي جنهن سان مقامي ماڻهو ۽ ڪاروباري طبقي جي معاشي حالت مستحڪم ٿيندي ۽ ڪاروبار جا نوان موقعا به ميسر ايندا.

چيف سيڪريٽري بلوچستان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اجلاس ۾ جيڪي به فيصلا ٿيا آهن ان تي عمل ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ سرحدن تي جيڪي  ننڍا مسئلا آهن ان کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ عوام کي هڪ پرامن فضا قائم ڪري ڏينداسين

هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران کي واپاري سرگرمين دوران هڪ ٻئي جو ساٿ  ڏيڻ گهرجي. جنهن سان ٻنهي ملڪن جي معيشت مستحڪم ٿي ويندي.