جاتي لڳ ڇهه سالا معصوم ٻار سان جنسي زيادتي جي ڊاڪٽر پاران تصديق، جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

news

جاتي(رپورٽ: بابو غلام حسين ملاح) ڇنڇر 04 جنوري 2020ع: جاتي لڳ 6 سالا معصوم ٻار سان جنسي ذيادتي ڊاڪٽر پاران تصديق جوبدار گرفتار ايف آئي آر داخل

خبر موجب جاتي جي يونين ڪائونسل گل محمد ٻارڻ جي زميندار وڏيرو حسن جت جي پٽ عبدالستار جت پاران ڀاڳري قوم سان تعلق رکندڙ سندس هاري تاڙي ڀاڳري جي 6 سالن جي معصوم پٽ ارجن سان جنسي زيادتي ڪرڻ بعد جنگ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويو.

جڏهن ته مائٽن پاران ارجن جي ڳولا ڪرڻ بعد ڪپڙن کان آجو بيهوشي واري حالت ۾ ڏسي تعلقه اسپتال جاتي آندو جتي ڊاڪٽر غلام قادر ترڪ پاران جنسي زيادتي جي تصديق ڪئي وئي ۽ معصوم ٻار کي هونش اچڻ کان پوءِ ارجن ٻڌايو ته مون کي عبدالستار جت ماريو آهي.

انهي دوران سندس والدين ٻارڻ پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ جاتي پريس ڪلب صحافين پاران سوشل ميڊيا تي خبرون هلائڻ کان پوءِ ايس ايس پي سجاول سهائي عزيز نوٽيس وٺي ايس ايڇ او جاتي گل محمد ڪاتيار  کي حڪم ڪيو ۽ ايس ايڇ او جاتي گل محمد ڪاتيار پوليس ساڻ ڪري ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا.

جنهن کان پوءِ ڳوٺ حسن جت مان وحشي صفت جوابدار کي گرفتار ڪري والد جي فرياد تي ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي ۽ ميڊيڪل لاءِ تعلقه اسپتال جاتي آندو جتي ڪافي ڪوشش بعد ميڊيڪل نه ٿي سگهي.

هوڏانهن جنسي ذيادتي جو شڪار ٿيل معصوم  ارجن جي والد تاڙي ڀاڳري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار جي والد اسان کي ٻه لک ڏئي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي ۽ ايس ايڇ او جاتي گل محمد محمد ڪاتيار اسان کي تحفظ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي.