سيوھڻ ۾ واپڊا حيسڪو ھائيڊرو ليبر يونين پاران ڪوٽڙي جي ايس ڊي او ۽ ملازمن تي ٿيل حملي خلاف احتجاج

news

سيوھڻ : ڇنڇر 04 جنوري 2020ع: سيوھڻ ۾ واپڊا حيسڪو ھائيڊرو  ليبر يونين پاران ڪوٽڙي جي ايس ڊي او ۽ ٻين ملازمن تي ٿيل حملي خلاف احتجاج.

تفصيل موجب سيوهڻ ۾ پاڪستان واپڊا هائيڊرو يونين جي اڳواڻ سهيل احمد ميمڻ، سلطان ڀٽي، مور رودناڻي  غلام حسين سولنگي  منظور سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا ملازمن ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪوٽڙي جي ايس ڊي او واپڊا رياض ارباب  ليبر چيرمين  قادر سھتو ڊسمبر جي رڪوري لاء خانزاده پاڙي ۾ ويا ۽ نان پيمنث وارا بجلي جا  ڪنيڪشن  ڪاٽيا ويا  ته ملازمن مٿان حملو ڪيو ويو جنھن بعد ڪوٽڙي ٿاڻي تي سترنھن حملي آورن جوابدارن  مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي.

پر پوليس گرفتاري ناھي ڪئي  اسان ان  ٿيل حملي  جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪريون  ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ڊي آء جي حيدرآباد کان ته ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي اسان  کي انصاف ڏئي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.