ڄامشورو ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، هڪ هفتي اندر ڏهه وارداتون، رهواسي پريشان

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڇنڇر 04 جنوري 2020ع: ڄامشورو علمي درسگاهن واري شھر ڄامشورو ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي.

هڪ هفتي اندر 10 کان مٿي چوري جون وارداتون پيش اچڻ کان پوءِ به پوليس مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي مدينه نگر ۾ دڪاندار سوڀت علي پنھيار جي دڪان مان رات جي انڌيري ۾ چور دڪان جا تالا ٽوڙي ڪيتري ئي ماليت جو سامان چوري ڪري.

انهي موقعي تي دڪاندار سوڀت علي، سندس ڀاءُ لطف علي احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته غريب ماڻهو آهيان دڪان هلائي پيٽ گذر ڪندا آهيون گذريل ڏينهن رات جي انڌيري ۾ چور دڪان جا تالا ٽوڙي 50 هزار کان وڌيڪ ماليت جي سامن ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا آهن.

معاملي بابت ڄامشورو ٿاڻي تي نامعلوم چورن مٿان اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس معاملي ۾ سنجيدگي اختيار نه ڪري رهي آهي ايس ايڇ او ڄامشورو هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي متاثرن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس جلد کان جلد چوري ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي.

جئين پکڙيل بيچيني ختم ٿي سگهي ۽ اسان پنھنجو پيٽ گذر ڪري سگهون.