جنرل قاسم سليماني جو مڙهه ايران پهچي ويو

news

تهران: 3 جنوري تي عراق جي شهر بغداد جي هوائي اڏي تي آمريڪي راڪيٽ حملي ۾ مارجي ويل ايراني جنرل قاسم سليماني جو مڙهه ايران جي شهر احواز پهچي ويو.

ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ عراق جي شهر بغداد جي هوائي اڏي تي آمريڪا پاران راڪيٽ سان حملو ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ ايران جنرل قاسم سليماني سميت 8 ڄڻا مارجي ويا هئا.

راڪيٽ حملي ۾ ايراني حمايت يافته مليشيا پاپولرموبلائيزيشن فورس جو ڊپٽي ڪمانڊر مهدي المهندس به مارجي ويو هو.

گذريل ڏينهن قاسم سليماني جي جنازي نماز عراق ۾ ادا ڪئي وئي هئي. جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ شريڪ ماڻهن آمريڪا خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. خبرن موجب قاسم سليماني کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

ياد رهي ته جنرل قاسم سليماني جي مارجي وڃڻ کان پوءِ پينٽاگون پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته قاسم سليماني کي آمريڪي صدر ڊونلنڊ ٽرمپ جي هدايتن موجب مستقبل ۾ ايران پاران حملن کي روڪڻ جي لاءِ ماريو ويو.