مورو جي ڳوٺ لغاري بجراڻي جو گم ٿيل رهواسي جو سنڌو درياءَ مان لاش هٿ

news

مورو: آچر 05 جنوري 2020ع: مورو ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ لغاري بجراڻي جو رھواسي نوجوان عاشق علي لغاري جو لاش مٽياري واري علائقي سنڌو درياءَ مان ڇهن ڏينهن جي ڳولا بعد هٿ آيو آھي سندس لاش ايمبولنس ذريعي ڳوٺ لغاري بجراڻي آندو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته نوجوان عاشق علي لغاري جيڪو پنهنجي زمين تي ويو هو ۽ درياءَ پار ڪري واپس اچڻ دوران ٻڏي ويو هو جنهن جي ڇهن ڏينهن کان وٺي ڳولا جاري هئي جنهن جو اڄ صبح سنڌو درياءَ مان لاش مليو آهي.

ان سلسلي ۾ سندس چاچي بخشل لغاري ٻڌايو تہ عاشق علي لغاري 06 ڏينهن اڳ مورو مان زمين تي ڪم ڪرڻ لاءِ مٽياري لاءِ نڪتو هو جيڪو مٽياري ڀرسان سنڌو درياءَ پار ڪري واپس موٽي اچڻ دوران پراسرار نموني گم ٿي ويو ھو ء سندس سامان درياءَ جي ڪپر تان مليو هو پر نوجوان جو ڪو به ڏس پتو نه ملي سگهيو هو.

جنهن جو اڄ صبح ٽوٻن وسيلي سنڌو درياءَ مان لاش ڪڍيو ويو آهي اهڙي خبر پوڻ تي نوجوان جي ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ ڪهرام مچي ويو آهي سندس تڏو پڻ وڇايو ويو آهي.