سڪرنڊ ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منگيو سان رھاڻ ملھائي وئي

news

سڪرنڊ: آچر 05 جنوري 2020ع: نامور اديب ،ڪھاڻيڪار ۽سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منگيو سان رھاڻ ملھائي وئي ان موقعي ھن ڳالھائيندي چيو ته تحرڪ منھنجي زندگيء جو حصو رھيو آھي ان ڪڏھن به مونکي ماٺ ڪري ويھڻ نه ڏنو آھي .

جڏهن بابا جي دوستن کي ڏسندو آھيان ته سمجھندو آھيان آئون اڃا ننڍو آھيان ـ اھا ڳالھ سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منگيو سندس سان ملھايل رھاڻ تقريب ۾ ڪئي ـھن چيو ته جذبا ڪڏهن ڪراڙا نه ٿيندا آھن جيڪا به زندگي بچي آھي اھا متحرڪ رھي گذارڻ چاھيان ٿو.

مون ۾ اڄ به سھپ جو مادو موجود آھي نوجان صحافين کي چوندس ته ھو پنهنجي قلم جو صحيح استعمال ڪن ۽ مظلوم جي حقن لاء قلم ذريعي ويڙھ ڪن ـ ـ شھري اتحاد جي صدر محمد مراد خانزادي چيو ته صديق منگيو غريبن جو ھمدرد رھيو آھي شھر جو ڪو به مسئلو ھوندو آھي ته ھي سڀني کان اڳيان ھوندو آهي.

تقريب کي سينيئر صحافي مسعود عمراڻي عبدالتواب شيخ قاضي جاويد سنائي  ولي محمد ڀٽي مير محمد ڪيريو گل ڪيريو نياز لاشاري سانول ڪيريو۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ان کان اڳ صحافي حاجي عبد الله مگسي پاران صديق منگيو کي بوسڪيء جو پٽڪو پارايو ويو ۽ صحافي گل لغاري کيس ٽوپي جو تحفو ڏنو۽ ٻين صحافين پاران اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا.