ڄامشورو ۾ سماجي تنظيم پاران اسڪولي ٻارڙن جو ميڊيڪل چيڪ سان گڏ سلائي ۽ بيوٽي پالر جي سکيا وٺندڙ نياڻين کي سرٽيفڪيٽ ۽ چيڪ ڏنا ويا

news

ڄامشورو(رپورٽ: حيات ميراڻي) آچر 05 جنوري 2020ع: ڄامشورو جي تعلقي ڪوٽڙي جي ڪچي آبادي واري علائقن خدا جي بستي , مسلم ٽائون , کڏا ڪالوني , خورشيد ڪالوني ,  پوپٽ ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ سماجي تنظيم انسٽيٽيوٽ آف رورل مينيجمينٽ ( آئي آر ايم ) جي نگراني هيٺ هلندڙ 20 هوم بيسڊ اسڪول ( آئي آر ايم سمارٽ اسڪولس  ) ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڪميونٽي هيلٿ ڪيئر سينٽر جي تعاون سان 4 کان 10 ورهين جي 70 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو.

ٻارڙن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪندڙ چائيلڊ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر دليپ ڪمار ٻارڙن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرڻ بعد پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڪافي ٻارڙن ۾ رت جي کوٽ , چمڙي جي بيماري , ڏندن جي ڪمزوري ۽ ٻيا مسئلن موجود آهن.

هن چيو ته ٻارڙن ۾ صحت جا اهي مسئلا والدين جي ڪم علمي ۽ ٻارڙن تي گهٽ ڌيان ڏئڻ جي ڪري ٿين ٿا ٻارڙن جي کاڌ خوراڪ ۽ صفائي تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي جنهن سبب ٻار انهن مسئلن جو شڪار ٿين ٿا , هن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته والدين ۽ اسڪول مينيجمينٽ ٻارڙن جي صحت تي ڌيان ڏئن.

ٻار وقت تي کاڌو ڏئن , ٻار کي نيرن ضرور ڪرائن , روز مراه جي بنياد تي ٻار کي کير ۽ آنو ضرور کارائن , ٻارڙن کي گندگيء جي ڍيرن کان پري رکجي ۽ ٻارڙن ۾ روز مراه جي بنياد تي ٽوٿ برش ڪرڻ ۽ وقت سر هٿن پيرن جا نح لاهڻ جي عادت ونجهجي ته جيئن معصوم ٻارڙا بيمارين کان بچي سگهن.

ان موقعي تي آئي آر ايم جي ريجنل مينيجر ڪاشف صديقي جو چوڻ هيو ته آئي آر ايم پاران ڪراچي ۽ ڄامشورو جي ڪچي آبادي واري مختلف علائقن ۾ ٻارڙن جي بنيادي تعليم لاء آئي آر ايم سمارٽ اسڪول نالي 30 کان وڌيڪ هوم بيسڊ اسڪول قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ نرسري کان پرائمري تائين ٻارڙن مفت تعليم ۽ درسي ڪتاب مهيا ڪيا ويندا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارڙن جو هر سال مفت ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ دوائن مهيا ڪيون وينديون.

آئي آر ايم جي ساڳي پروگرام تحت لمس يونيورسٽي جي هيلٿ ڪيئر سينٽر جي تعاون سان اڄ ميڊيڪل ڪيمپ  قائم ڪئي وئي آهي جتي 70 کان وڌيڪ اسڪولي ٻارڙن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو آهي ۽ انهن ٻارڙن کي مفت دوائون پڻ مهيا ڪيون وينديون.

هن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته آئي آر ايم ملڪ جي روشن مسقبل لاء سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعليمي جاکوڙ ڪري رهي آهي . ٻئي پاسي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ( ايس اي ايف ) جي تعاون سان نصابي ۽ هنري تعليم لاء ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم انسٽيٽيوف آف رول مينيجمينٽ ( آئي آر ايم ) جي ريجنل مينيجر ڪاشف صديقي , ايس اي ايف جي پروگرم مينيجر ذاهده ۽ فوزيه سن ۽ مانجهند ۾ ڪپڙا سلائي ۽ بيوٽي پالر جي سکيا ورتل نياڻين مومل , سومل , بختاور , ڀاڳڀري , سورٺ انيلا ,  صاديه , صبا , پروين , ازما ۽ ٻين کي ڪپڙا سلائي ۽ بيوٽي پالر جي سکيا جا سرٽيفڪيٽ ۽ چيڪ ڏنا ويا.

ان موقعي تي آئي آر ايم جي ريجنل مينيجر ڪاشف صديقي جو چوڻ هيو ته آئي آر ايم گذريل هڪ ڊگهي عرصي کان ڄامشورو , ڪوٽڙي , مانجهند ۽ سن سميت ضلعي جي پٺ تي پيل مختلف علائقن ۾ معصوم ٻارڙن تعليم ۽ بالغ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم ۽ هنري سکيا لاء ڪم ڪري رهي آهي جن نياڻين کي اڄ سرٽيفڪيٽ ۽ چيڪ ڏنا ويا آهن.

هي اهي آهن جيڪي ننڍي هوندي پڙهائي کان رهجي ويون هيون جن کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان آئي آر ايم پاران بنيادي نصابي تعليم بعد سلائي ۽ بيوٽي پالر جي سکيا ڏني وئي آهي جنهن کان پوء هي نياڻيون هاڻي لکڻ پڙهڻ ۽ پنهنجو روزگار ڪرڻ جي قابل ٿي ويون آهن،

جڏهن تي ايس اي ايف جي پروگرام مينيجر مس ذاهده پاران پڻ آئي آر ايم جي قدمن کي ساراهندي چيو ويو ته آئي آر ايم هڪ وڏي عرصي کان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سان گڏجي ڄامشورو ضلعي ۾ تمام بهترين تعليمي سرگرميون ڪري رهي آهي , آئي آر ايم اي اي ايل ٽي پي سينٽر تمام بهتر نموني هلايا آهن.

اڄ جن نياڻين کي سرٽيفيڪٽ ۽ چيڪ ڏنا ويا آهن ان سان هن نياڻين جو حوصلو وڌيو آهي هاڻي هي نياڻيون پنهنجي روزگار ۽ بهتر مستقبل لاء سوچي سمجهي قدم کڻي سگهن ٿيون.

هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوان طبقو آهي ۽ اهو نوجوان طبقو ئي ملڪ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي هن چيو ته آئي آر ايم پاران اهڙي طريقي سان ڪامياب پروگرام هلائڻ بعد ايس اي ايف مستقبل ۾ به آئي آر ايم سان گڏ ڪم ڪرڻ لاء خواهشمند رهندي .