ٽنڊو ڄام ۾ ڳوٺاڻن ٻارڙن کي اسڪول کڻي ويندڙ بس بحال، علائقي واسين ۾ خوشي

news

ٽنڊوڄام: آچر 05 جنوري 2020ع: ڳوٺاڻن ٻارڙن کي اسڪول کڻي ويندڙ بس کي ڇهه مهينن بعد ضلعي چيئرمين بحال ڪرائي ڇڏيو، علائقي واسين ۾ خوشي جي لهر،

خبر موجب او جي ڊي سي ايل انتظاميه پاران ديهه آبڙي جي مختلف ڳوٺن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪول کڻي ويندڙ بس مسلسل ڇهه مهينن تائين بند هجڻ بعد ڳوٺاڻن جي شڪايت تي ضلع ڪائونسل حيدرآباد جي چيئرمين بدر احمد ميمڻ نوٽيس وٺي اسڪولي بس کي ٻيهر شروع ڪرائي ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ ڳوٺ حيدرشاهه آبڙي ۾ اسڪولي بس جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ بدر احمد ميمڻ بس جي چاٻي علائقي واسين حوالي ڪئي. اسڪولي بس ٻيهر شروع ٿيڻ تي علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي آهي.

انهي موقعي تي ضلع ڪائونسل حيدرآباد جي چيئرمين بدر احمد ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته او جي ڊي سي ايل جي ويلفيئر ڊپارٽمينٽ پاران علائقي واسين جي اپيل تي اسڪولي بس شروع ڪئي هئي، جيڪا ڪجهه وقت هلڻ بعد بند ڪئي ويئي. اسڪولي بس بند ٿيڻ سبب ٽنڊوڄام ۾ پڙهندڙ ڪيترن ئي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي هئي.

هن چيو ته اسڪولي بس جي حوالي سان او جي ڊي سي ايل ويلفيئر فنڊ جي جنرل مينيجر ۽  ريجنل ڪوارڊينٽر سان ملاقات ڪري، اسڪولي بس ٻيهر شروع ڪرائي آهي.

جيڪا اڄ کان روزانو ٻارن کي اسڪول کڻي ويندي ۽ واپس گهر پهچائيندي. هن چيو ته انهي کان علاوه او جي ڊي سي ايل انتظاميه جي سهڪار سان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سائينداد ڪليري، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حيدرشاهه آبڙي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول پير زمان شاهه ۾ فرنيچر، شاگردن ۾ ڊريس ۽ اسڪولي جوتا پڻ ڏنا ويا آهن.

جڏهن ته علائقي ۾ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڳوٺ حيدر شاهه آبڙي، ڳوٺ ڪرم خان ڪليري، ڳوٺ رڪن پير ۾ آر او پلانٽ پڻ لڳايا ويا آهن.