ويڙهه جي شروعات آمريڪا ڪئي آهي، هاڻ هو ردعمل لاءِ تيار رهي:ايران

news

تهران: ايراني سپريم ليڊر جي صلاحڪار حسين دهقان جو چوڻ هو ته اسان جنگ نٿا چاهيون ۽ نه ڪڏهن چاهيون ٿا. جنگ جي شروعات آمريڪا ڪئي آهي، ان لاءِ هو ردعمل جي لاءِ تيار آهي.

حسين دهقان چيو آهي ته حالتون معمول تي آڻڻ جو صرف هڪ ئي ذريعو آهي ته آمريڪا کي ان ئي شدت سان جواب ڏنو وڃي. ٽرمپ کي عالمي قانون جي خبر آهي نه ئي گڏيل قومن جي چارٽر جي ڪا فڪر آهي، حقيقت ۾ آمريڪي صدر هڪ جواري ۽ قاتل آهي.

هن جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر ٽرمپ نه سياستدان آهي ۽ نه ئي ان جو دماغي توازن ٺيڪ آهي. جيڪڏهن ٽرمپ ثقافتي مرڪزن کي نشانو بڻايو ته ان جي خلاف جنگي ڏوهن تحت ڪيس ٿيندو. جيڪڏهن ٽرمپ اهو ئي ڪيو جيڪو ڪجهه هو چوندو پيو اچي ته پوءِ ڪو آمريڪي فوجي ۽ نه ئي فوجي تنصيبات محفوظ رهندي.

هوڏانهن ايران جي آرمي چيف ٽرمپ جي ڌمڪي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا ۾ ايران سان وڙهڻ جي جرئت ناهي.

ٻئي طرف ايران سان جنگ جي پيش نظر آمريڪا جي ستر کان وڌيڪ شهرن ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا آهن. مظاهرين جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي ملڪ کي هڪ ٻي تباهي آڻيندڙ جنگ ۾ ڌڪڻ نه ڏينداسين. ايراني ڪمانڊر کي ماري آمريڪا غلط قدم کنيو آهي.

مظاهرين آمريڪي صدر جي ذاتي هوٽل ٽرمپ انٽرنيشل هوٽل جي ٻاهران به احتجاج ڪيو، جڏهن ته نيويارڪ ۾ ٽائيم اسڪوائر تي به مظاهرو ٿيو.