ڊکڻ پوليس جو جوا جي ٽڪري تي ڇاپو، جوواري گرفتار، روڪ رقم هٿ، ڪيس داخل

news

ڊکڻ (رپورٽ: ياسين ڌاريجو) آچر 05 جنوري 2020ع: ڊکڻ پوليس جوا جي ٽڪري تي ڇاپو هڻي تاس ۽ روڪ رقم هٿ ڪري چئن جوارين انور ٻوهڙو رياض عباسي وحيد ٻوهڙو لڌو ڪنڀر مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته پوليس جي ڇاپي دوران ٻه جواري لڌو ڪنڀر ۽ وحيد ٻوهڙو فرار ٿي ويا ان موقعي تي ايس ايڇ او ڊکڻ علي اڪبر جهانگير عباسي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي پوليس جووا جي ٽڪري تي ڇاپو هنيو.

جتان 2 جوواري رياض لهر انور ٻوهڙو گرفتار ڪيا ۽ ٻيا ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا چئن جوارين مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.