دادو ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طور تي ريلي ڪڍي وئي

news

دادو: آچر 05 جنوري 2020ع: پوري ملڪ جيان دادو ضلعي انتظاميه پاران پوليس ، صحافي برادري ، ايجوڪيشن ، هيلٿ ، منصوبندي ٻين کاتن ۽ سماجي تنظيمن پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرون سان يڪجهتي طور اسٽنٽ ڪمشنردادومحمد علي لنڊ ، تعلقي مختيارڪار عبدالحميد کوکر، استاد بخاري ڊگري ڪاليج  پروفيسرمحمد عرفان ڪلهوڙو، ڊسٽرڪٽ  ايجوڪيشن آفيسرعبدالسلام ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ضلعي انتظاميه دادو طرفان ڪشميرين سان يڪجهتي طورتي ڊپٽي ڪمشنر دادو جي آفيس کان ريلي ڪڍي وئي.

جيڪا ڊي سي آفيس روڊ ، ايس ايس پي آفيس موڙ تي پهتي  جتي ريلي کي خطاب ڪندي  اسٽنٽ  ڪشنردادو ڪمشنردادومحمد علي لنڊ ، تعلقي مختيارڪار عبدالحميد کوکر، استاد بخاري ڊگري ڪاليج  پروفيسرمحمد عرفان ڪلهوڙو، ڊسٽرڪٽ  ايجوڪيشن آفيسرعبدالسلام ميمڻ  چيوته ڀارت ڪشميري عوام جي زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي.

ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪيون ٿا۽  ڀارت هڪ ڳالھ ياد رکي ته ڪشميري عوام ۽ پاڪستان کي تنگ ڪرڻ ۽ پاڪستان کي للڪارڻ کان پهريان اهو ياد رکي ته اسان وٽ ايٽمي بم ميزائل ٽيڪنالوجي موجود آهي جارحيت جي صورت ۾ ڀارت کي اهڙو جواب ڏنو ويندو جو سڄي دنيا ڏسندي پاڪستان زندھ آباد ۽ ڪشميربڻجندو.

پاڪستان جي آزادي ڪشميرسان  منسوب آهي ڀارت ڪشميرجي مسلمانن جوآواز دٻئي نٿوسگهي ۽ ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم کي اقوام متحده کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ پاڪستان ڪشميرين تي ٿيندڙ ناحق ظلم تي چپ نہ ڪندو. ڀارت آرٽيڪل 370 کي استعمال ڪندي ڪشمير جي مسئلي کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آ. ۽ پاڙي وارن ملڪن تي قبضي ڪرڻ واري لالچي طبيعت کي دنيا سمجھي چڪي آ. عورتن ۽ ٻارڙن جون قربانيون ضايع نہ وينديون.

ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف ھر پاڪستاني پنھنجو آواز اٿاريندو ۽ ساٿ ڏيندو. ڀارت جي ضد ڪري ڪشمير جو مسئلو اڃان حل ٿي نہ سگھيو هڪ ڏينهن ضرورٿيندو ته اسان ڪشميري ڀائرن سان جشن آزادي گڏجي ملهائينداسين اسان سڀ ڪشميري مسلمانن ۽ پنهنجي پاڪ فوج سان هرهڪ آوازتي حاضرآهيون پاڪستاني فوج زنده آباد جيڪا هميشه قائم رهندي.

ڪشميرين سان زيادتون بند ڪيو جا زوردار نعرا هنيا ويا ۽ ڪشميرين سان يڪجھتي جو اظهار ڪيوويو۽ بعد ۾ خصوصي دعا گهري اي منهنجا رب ڪريم اسان جي ڪشمري ڀائرن ۽ ڀينرين جي مشڪلات آسان ڪر ۽ ڪشميرتي قبضي  ڪندڙن کي تباه ۽ برباد ڪر آمين ثن آمين صحافين    ۽ روينيو تپيدار ۽ آفيس جو ڪلار ڪن ،  استادن ۽ ٻئي اسٽاف ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.