گذريل ڏهن سالن دوران رانديگرن ڪيترو ڪمايو، فهرست جاري

news

ڪراچي: گذريل ڏهاڪي ۾ ڪنهن ڪيترو ڪمايو؟ آمريڪي رسالي فوربز رانديگرن جي نئين فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.

باڪسر مي ويدر سرفهرست آهي، جڏهن ته ڪرسٽانو رونالڊو، ميسي کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

آمريڪي رسالي فوربز موجب باڪسر مي ويدر 87 ڪروڙ 29 لک ڊالر ڪمائي پهرين نمبر تي رهيو. فٽبالر ڪرسٽانو رونالڊو جو ايڪهتر ڪروڙ، 71 لک ڊالر ڪمائي ٻيو نمبر ۽ باسڪٽ بال پليئر ليبرون جيمز جو 66 ڪروڙ 79 لک ڊالر سان گڏ ٽيون نمبر آهي.

فٽبال جي ميدان تي حڪمراني ڪندڙ ميسي ڪمائي جي لحاظ کان پنهنجي هم عصر رونالڊو کان پوئتي رهجي ويو. هڪ ڏهاڪي جي دوران ان جي آمدني 67 ڪروڙ 66 لک ڊالر رهي، فهرست ۾ ان جو چوٿون نمبر آهي.