پ پ پ شهيد ڀٽو پاران پريس ڪلب بدين ۾ سالگره جي تقريب منعقد

news

بدين: آچر 05 جنوري 2020ع: قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو جي  92 هين سالگره جي تقريب پريس ڪلب بدين ۾ ٿي.

جنهن دوران پ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ محمد اشرف سمون شاني سجاد حيدر شجاعت حسين خواجه راشد قمبراڻي بابوعزيز انڙ سرفراز انصاري نورمحمد ڀٽي حاجي ملاح سميت 50 کان مٿي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ڪارڪن چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين سان گڏ ايٽمي پروگرام ڏنو ملڪ جي عوام کي سياسي شعور ڏنو سندس جدوجهد سان ملڪ ۾ جهمورت قائم ٿي.