ٽنڊوڄام ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ٻيانويهين سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪاٽيو ويو

news

ٽنڊوڄام : آچر 05 جنوري 2020ع: پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي حيدرآباد ٻهراڙي جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري هائوسن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92هين سالگره تقريب ڪوٺائي ويئي.

ٽنڊوڄام ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري مير شير محمد ٽالپر جي هائوس تي ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جي صدر شريف قريشي جي اڳواڻي ۾ سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو جنهن ۾ ڊاڪٽر رحيمداد راجپوت، مشتاق سپيو، حاجن مگسي، اسماعيل سمون، مير بابو ٽالپر، محمد صالح ٽالپر، پتنگ فقير، شڪيل خشڪ، عرفان خشڪ، پنهل ڪليري سميت جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جڏهن ته ٻئي طرف ضلعي صدر پير امجد حسين شاهه جيلاني جي هائوس پٻڻ ۾ سيد جمن شاهه جي اڳواڻي ۾ سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

جتي اسماعيل هاليپوٽو، نور محمد شورو، رياض هاليپوٽو، گل حسن شورو ۽ ٻيا ڪارڪن موجود هئا. ان موقعي تي جيالن سخت نعريبازي پڻ ڪئي.