فٽبال ايف اي ڪپ: ليور پول جي جونز حيران ڪندڙ گول ڪري مخالف ايورٽن کي شڪست ڏئي ڇڏي

news

لنڊن: (سومر 06 جنوري 2020ع) فٽبال ايف اي ڪپ جي ٽئين رائونڊ جي هڪ ٻئي دلچسپ مقابلي ۾ ليور پول جي ارڙنهن ساله جونز حيران ڪندڙ گول سان مخالف ايورٽن کي شڪست ڏئي ڇڏي. اينفليڊ جي فٽبال اسٽيڊيم ۾ ليور پول ۽ ايورٽن جو سخت مقابلو ٿيو.

ايف اي ڪپ جي چوٿين رائونڊ ۾ پهچڻ جي ڊوڙ ۾ سخت مقابلو ٿيو. هڪ ٻئي مٿان سخت حملن جي باوجود پهرين هاف ۾ ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي. سخت  ۽ دلچسپ مقابلي کان پوءِ ايڪهترين منٽ ۾ 18 ساله جونز حيران ڪندڙ ڪڪ لڳائي.

جنهن کان پوءِ بال سوئنگ ڪندي گول پوسٽ جي پول سان ٽڪرائجي ڄار ۾ داخل ٿي وئي جنهن کان پوءِ ليورپول هڪ ٻُڙي تان مخالف ايورٽن کي شڪست ڏئي ڇڏي.

کٽيندڙ ٽيم پنهنجي ملڪ ۾ سوڀ جي روايت برقرار رکي.