پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٿيندڙ امڪاني سيريز: بنگلاديشي بورڊ پنهنجي ضد تي قائم

news

لاهور: (سومر 06 جنوري 2020ع)  پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٿيندڙ امڪاني سيريز بي سي بي کي ٻڏتر جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان بي سي بي جي چيف ايگزيڪٽو نظام الدين چوڌري جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ صرف ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ جي موقف تي قائم آهي.

فيوچر ٽور پروگرام جي تحت بنگلاديش کي هلندڙ مهيني 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ  ميچن جي سييز کيڏڻ جي لاءِ پاڪستان اچڻو هو پر بي سي بي طرفان اڃان تائين معاملو منجهائڻ جو سلسلو جاري آهي. بنگلاديشي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي بي سي بي جي چيف ايگزيڪٽو نظام الدين چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ صرف ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ جي موقف تي قائم آهيون.

اسٽيڪ هولڊرز جي رضامندي کان سواءِ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو ڪوبه فيصلو نٿا ڪري سگهون. ٻئي طرف پي سي بي  جو چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان انگلينڊ ۾ موڪلون گذارڻ کان پوءِ لاهور  واپس پهچي چڪو آهي جنهن کان پوءِ هاڻ پاڪ بنگلاديش سيريز جي حوالي سان ڪوبه حتمي فيصلو جلد ٿيڻ جو امڪان آهي.