مورو: سومر 06 جنوري 2020ع: ڪجهه مهينا اڳ ڏيپارجا لڳ جوڻو مشاق گرڊ اسٽيشن مان نڪرندڙ يارنهن هزار وولٽيج جي ڪريل تارن ۾ وچڙي فوت ٿيل ٻن معصوم سوٽن 9 سالا محمد رمضان ۽ 10 سالا علي نواز سولنگي جي قبر ڪشائي جو سيڪنڊ سول جج مورو ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ مورو مسٽر وسيم احمد لاکير , سيڪريٽري هيلٿ گورنمينٽ آف سنڌ ڪراچي, ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ حيدرآباد, پوليس سرجن سول هاسپيٽل ڪراچي, سينيئر سپريڊنٽ آف پوليس نوشھروفيروز, سپريڊنٽ پوليس مورو انويسٽيگيشن ۽ ايس ايچ او مورو کي قبر ڪشائي جا حڪم ليٽر ذريعي جاري ڪيا ويا آھن.
ياد رهي ته بخشل سولنگي مورو ٿاڻي تي محمد رمضان سولنگي, علي نواز سولنگي جي فوت ٿيڻ جي مورو ٿاڻي تي FIR نمبر 411/2019 U/S 322.506 داخل ڪرائي هئي.
جنهن تي جج صاحب قبرڪشائي جا ليٽر جاري ڪيا آھن ۽ 14 ڏينهن جي اندر قبرڪشائي ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا آھن اهڙا احڪامات جاري ٿيڻ کان پوءِ علائقي ۾ وڏي ڦڙ ڦوٽ پئجي وئي آھي.