آمريڪا، ايران ڇڪتاڻ سبب سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

news

ڪراچي: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب سون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
سڄي ملڪ جي صرافا مارڪيٽن ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب سون تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون 6 ڊالر اضافي سان 1578 ڊالر في اونس ٿي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ واڌ کانپوءِ ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي صرافا بازارن ۾ في تولو سون جو اگهه 2600 رپيا وڌي 93400 رپين تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته 10 گرام سون جو اگهه 2230 رپيا اضافي کانپوءِ 80075 رپيا ٿي ويو آهي.