مورو ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جي گهر تي حملو، جوڙو تحفظ لاءِ عدالت پهچي ويو

news

مورو: مورو شھر جي بخاري پاڙي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ پيار جي شادي ڪندڙ جوڙي مٿان ناري جي وارثن جو حملو ناري شبانا سراز موچي ۽ نوجوان عمران مغل موچي معجزانا طور بچي تحفظ جي لاءِ پنھنجي وڪيل ايڊووڪيٽ علي رضا ڪانڌڙو سان گڏجي مورو ڪورٽ پهتا ء بعد نوشھروفيروز ڪورٽ مان تحفظ ورتي ء ميڊيا آفيس پھتا.

جتي ناري شبانا سراز موچي ٻڌايو ته ڏيڍ مهينو اڳ اسان نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان منھنجو ڀاءُ جمشير علي، سئوٽ گلشن، گلشير، محراب ۽ دادلو موچي مڇرجي اسان جي گهر مٿان حملو ڪيو آھي جنهن ۾ اسان ٻئي زال مڙس معجزانا طور بچي وياسين ء اسان اهڙو اطلاع مورو ٿاڻي تي ڏنو آهي.

هنن چيو ته حملو ڪندڙ جرگو ڪري اسان کي ڪارو ڪاري ڪري مارڻ چاهين ٿا اسان جي زندگين کي خطرو آهي ان لاءِ اسان تحفظ لاءِ پنھنجي وڪيل علي رضا ڪانڌڙو سان گڏجي مورو جي عدالت پھتاسون جتان سيشن ڪورٽ نوشھروفيروز پھتاسون جتان تحفظ ورتو آھي.

ھن چيو تہ اسان مٿان نوابشاھ ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو آھي  ناري شبانا سراز موچي وڌيڪ ٻڌايو تہ منھنجو والد ڪافي سال اڳ فوت ٿي ويو آھي ھڪ ماءُ ء ڀاءُ آھي جيڪي لالچي قسم جي ماڻھن سان گڏجي موکي پيسن عيوض ٻئي ھنڌ ڏيڻ پئي چاھيو ء موکي اھا ڳالھ پسند نہ آئي ڇاڪاڻ تہ منھنجو پنھنجي سوٽ عمران مغل موچي سان منڱڻو ٿيل ھيو جنھن تي مان گھران نڪري ان سان پسند شادي ڪئي آھي.

جيڪا ڳالھ منھنجي ڀاءُ سوٽن کي پسند نہ آئي جن پاڻ م صلاح مشورو ڪري اسان کي ڪارو ڪاري جي الزام م قتل ڪرڻ چاھين ٿا جنھن ڪري اسان انھن مان جاني خطرو آھي ء اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

هنن آء جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل ڪئي ته اسان زال مڙس کي کي تحفظ ڏئي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.