آمريڪا ايران ڇڪتاڻ، جاپان به وچ اوڀر ۾ فوج موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

ٽوڪيو: آمريڪا ۽ ايران ڇڪتاڻ کانپوءِ جاپان پنهنجي سامونڊي جهازن جي تحفظ لاءِ پنهنجي فوج وچ اوڀر ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
جاپاني وزيراعظم شنزو ايبي ٽوڪيو ۾ نيوز ڪانفرس کي خطاب دوران وچ اوڀر جي صورتحال کي انتهائي ڳنڀير قرار ڏيندي چيو آهي ته صورتحال کي وڌيڪ بگڙڻ کان بچايو وڃي. جاپاني وزيراعظم وچ اوڀر ۾ ڌرين تي زور ڏنو آهي ته موجوده مسئلي کي سفارتي ذريعي حل ڪيو وڃي ۽ چڙ ڏياريندڙ قدمن کان پاسو ڪيو وڃي.
جاپاني وزيراعظم شنزو ايبي جو چوڻ هو ته وچ اوڀر ۾ جاپان جي دفاعي فوج موڪلڻ جو فيصلو جاپان سان تعلق رکندڙ سامونڊي جهازن ۽ سامونڊي تجارتي راهداري جي تحفظ جي لاءِ ڪيو ويو آهي.