نوابشاهه ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ٻيانويهون جنم ڏينهن ملهايو ويو

news

نوابشاھه: پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي  شھيد بينظيرآباد پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو  جي 92 جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ڪيڪ پ پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامرا ، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين غلام قادر خان چانڊيو ،   پ پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي ، غلام شاه لغاري ، علي نواز چانڊيو ، شير باز مري ، انجينيئر عبدالرسول بروهي ، راشد چانڊيو  عبدالنبي جمالي ، ڪاٽيو.

انهيءِ موقعي تي اڳواڻن پ پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي ،  پ پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامرا ،  پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين غلام قادر خان چانڊيو ،   غلام شاه لغاري ،  علي نواز چانڊيو ، شير باز مري ، انجينيئر عبدالرسول بروهي ، عبدالنبي جمالي ، راشد چانڊيو  ڳالهائيندي چيو ته اڄ شھيد ذالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي اسان  ڀٽي صاحب کي ڪڏهن به وساري نٿا سگھون،

هنن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسان اسٽيل مل جو قيام رکي غريب عوام کي روزگار ڏنو، ھنن چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جھڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، جڏهن ته تقريب ۾ ڪارڪنن جي  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.