ايراني قوم کي ڪڏهن به ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن: ايراني صدر جو ٽرمپ کي پيغام

news

تهران: (اڱارو 07 جنوري 2020ع)  ايران جي صدر حسن روحاني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين کان پوءِ چيو آهي ته ايراني قوم کي ڪڏهن به ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن.

هن چيو ته جيڪي 52 حدفن جو حوالو ڏئي رهيا آهن اهي 290 حدفن کي به ياد رکن. ياد رهي ته بغداد ۾ آمريڪي حملي سبب ايراني قدس فورس جو ڪمانڊر ميجر جنرل قاسم سليماني جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ايران ۽ آمريڪا ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي ۽ ايران بدلو وٺڻ جون به ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

ايران جي پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر جنرل غلام علي ابو حمزه جو چوڻ آهي ته آمريڪي جنگي جهاز ۽ اسرائيل جي گادي وارو شهر تل ابيب سميت 35 حدف ايران جي نشاني تي آهن. جڏهن ته ايران جي ڪمانڊر جي ڌمڪي تي رد عمل ڏيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران مٿان وڏا، تيز ترين ۽ تباهيون ڪندڙ حملن جي ڌمڪي ڏني آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران آمريڪي اهلڪارن يا اثاثن تي حملو ڪيو ته ان جي 52 حدفن کي نشانو بنائينداسين. ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته حدفن کي انتهائي ڦڙتي ۽ تيزي سان نشانو بنائينداسين ان مان ڪجهه هنڌ ايرانين ۽ ايراني ثقافت جي لاء تمام گهڻو اهم ۽ حساس آهن. هاڻ ايران جي صدر ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي قوم کي ڪڏهن به ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن. جيڪي 52 حدفن جو حوالو ڏئي رهيا آهن اهي 290 حدف به ياد رکن.

ايراني صدر طرفان آئي آر 655 جو بيش ٽيگ به ڪيو ويو آهي جيڪو ان ايراني  مسافر جهاز جو فلائٽ نمبر هو جنهن کي 3 جولاءِ 1988 تي آمريڪي جنگي بحري جهاز ميزائل هڻي تباهه ڪيو هو. ان مسافر جهاز ۾ ايران جا 290 شهري سوار هئا جن مان 66 ٻار به هئا.

واضح رهي ته 1996ع ۾ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس ۾ آمريڪا واقعي کي انساني الميو قرار ڏيندي وارثن سان گهري ڏک جو اظهار ڪيو هو پر آمريڪا طرفان مذڪوره واقعي تي اڃان تائين معافي ناهي گهري وئي. جڏهن ته وارثن جي معاوضي جي رقم جو معاملو به حل ناهي ٿي سگهيو.