ڪراچي: ڪرڪيٽ ليگ ۾ رانديگرن جي چونڊ سوشل ميڊيا ذريعي ڪئي وئي

news

ڪراچي: (اڱارو 07 جنوري 2020ع) ڪراچي ۾ پنهنجي نوعيت جي منفرد ڪرڪيٽ ليگ جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن ۾ رانديگرن جي چونڊ سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم جي ذريعي ڪئي وئي.

ليگ ۾ 120 رانديگرن ۽ ڇهن ٽيمن حصو ورتو آهي جڏهن ته جوهر جيگوارز فائنل ۾ لياري ڪنگ کي شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. ڪراچي جي يو بي ايل اسپورٽس گرائونڊ ۾ پنهنجي نوعيت جي منفرد ڪرڪيٽ ليگ ۾ ڇهن  ٽيمن حصو ورتو جن ۾ ناظم آباد نائٽ رائڊرز، جوهر جيگوارز، ملير هاڪس، گلشن گليڊيٽرز، ڊفينس واريئرز ۽ ليارڪ ڪنگر شامل هيون. ايڇ ڪيو پريميئر ليگ جي آرگنائيزر جو چوڻ هو ته هن ان ليگ کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.

اسان جي فيس بڪ گروپ تي پنج هزار کان وڌيڪ ميمبر آهن جن مان 120 ماڻهن رجسٽريشن ڪرائي. هن ٻڌايو ته رانديگرن کي ڊرافٽنگ جي ذريعي چونڊ ڪيو ويو. اڪثر ماڻهو پهريون ڀيرو هڪ ٻئي سان ملي رهيا هئا. ٽن ڏينهن واري ڪرڪيٽ ايڇ ڪيو ليگ جو مقصد ٽيب بال ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ نئين ٽيلنٽ کي سامهون آڻڻ آهي.

مهمانن طرفان ٽيپ بال ڪرڪيٽ جي اهڙي طرح جي شهرت ڪرائڻ تي انتظاميه جي ڪاوشن جي به تعريف ڪئي. ڪرڪيٽ ايڇ ڪيو ليگ جو فائنل جوهر جيگوارز 7 وڪيٽن تان کٽيو ۽ ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي.