سائنسدانن انساني دماغ ۾ نئين طرح جا حيران ڪندڙ سگنل هٿ ڪري ورتا

news

جرمني: (اڱارو 07 جنوري 2020ع سائنسدانن انساني دماغ ۾ خليات(نيورون) جي وچ ۾ بالڪل نئين انداز سان سگنل موڪلڻ جو عمل هٿ ڪيو آهي جيڪو ان کان اڳ سائنس جي علم کان ٻاهر هو.

ان سگنلن جي هٿ اچڻ کان پوءِ خبر پئي آهي ته هڪ طرف انساني دماغ پاڻ اسان جي سمجهه کان به ٻاهر آهي ۽ ان جي ڪمپيوٽنگ طاقت به غير معمولي هوندي آهي. اها دريافت جرمني ۽ يونان جي ماهرن ڪئي آهي. هنن دماغ جي اندرين طرف ڪارٽيڪل سيلز(خليات) تي غور ڪيو ته انڪشاف ٿيو ته هو پنهنجي زور تي ڪجهه سگنل خارج ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح دماغ ۾ انفرادي خليات هڪ بالڪل نئين طريقي سان اڳيان وڌن ٿا جنهن سان دماغ ڪيترائي منطقي(لاجيڪل عمل) انجام ڏيندو آهي.

سائنسدانن مرگهي جي شڪار هڪ مريض جي دماغ جي روشني خارج ڪندڙ ڪيميڪل وڌو ۽ اتي خلياتي سرگرمي کي خوردبين سان ڏٺو. هنن ڏٺو ته قشر يعني ڪارٽيڪس جا دماغي خليات نه صرف سوڊيم آئن خارج ڪري رهيا آهن پر ڪيلشيم جا آئن به فائر ڪري رهيا هئا. اهڙي طرح مثبت چارج وارا آئن ڪجهه اهڙي طرح چارج خارج ڪري رهيا آهن جيڪي ان کان اڳ ناهن ڏٺا ويا.

ماهرين هن نئين دريافت عمل کي ڪيلشيئم ميڊينڊ ڊينڊرٽڪ ايڪشن پوٽينشل يا ڊي سي ايپس جو نالو ڏنو آهي. انساني دماغ کي اڪثر ڪمپيوٽر سان به جوڙيو ويندو آهي. جيڪڏهن ان ۾ به ڪجهه حدون آهن پر ڪجهه سطحن تي ڪمپيوٽر عين انساني دماغ جيان ئي ڪم ڪندو آهي. انساني دماغ ۽ ڪمپيوٽر ٻئي سخت معاملن جي لاءِ برقي سنگنل استعمال ڪندا آهن. انساني دماغ ۾ نيورن اهو ڪم ڪندو آهي ۽ ڪمپيوٽرن ۾ چپس ۽ ٽرانسٽر اليڪٽران فائر ڪندا آهن.