ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، چوڏهن زخمي

news

ڪوئيٽا: ڪوئيٽا جي علائقي مڪانگي روڊ تي ڌماڪي سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 14 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.
ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ ايمبولينس ذريعي زخمين کي اسپتال ڪيو ويو، جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. زخمين ۾ واٽهڙو به شامل آهن. ڌماڪو رش واري جڳهه تي گاڏي جي ويجهو ٿيو.
ٻئي طرف پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي حرڪت ۾ اچي ويا ۽ موقعي تي پهچي علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪئي پئي وڃي.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪي جي شدت ايتري ته شديد هئي جو ان جي آواز پري پري تائين ٻڌي وئي، جڏهن ته ڌماڪي سان عمارتن ۽ دڪانن جا شيشا ٽٽي ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڪوئيٽا جي انتهائي حساس علائقي ۾ ٿيو، جنهن ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. جاءِ واردات تان شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.
ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.