ڄامشورو ۾ جدوجھد ڪاميٽي پاران بنيادي مسٸلن جي حل لاءِ ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري

news

ڄامشورو( رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو ۾ بنيادي مسئلن گندگي جي آزار، سينڊوز روڊ کي ٺهرائڻ ۔شهر مان برساتي ۽ گٽرن جي پاڻي جو نيڪال ڪري مستقل بنيادن تي ڊرينج نالن جي بحالي لاء ڄامشورو جدوجھد ڪاميٽي پاران ٽئين ڏينهن به احتجاج کي جاري رکندي اڳواڻن عرفان برفت، اسماعيل چانڊيو،  قربان رودناڻي ،عبدالغني مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان 3 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي علامتي بک هڙتال ۾ڪائونسلر خميسو خان بروهي، سماجي اڳواڻ روشن برهماڻي ،ايس يو پي جي قادر بخش ڀلائي، سرور برفت، جسقم ڪامريڊ سومر خان جمالي، شھيد ڀٽو جي سليمان ڀلائي، پي ٽي آءِ لاهوتي حبيب الله آمڙو،شلوا چيئرمين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، ڄامشورو شھري  ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين ربنواز ابڙو، اين بي کوسو،آزاد بلوچ، دڪاندار يونين ظهير ڪانڌڙو، چيتن ڪمار،مگسي پينل جي زاهد مگسي، صدام مگسي، سماجي اڳواڻن بحر بوٿرائي، اصغر علي شاهه ، جبل خان جمالي،سميت صحافين،شريف ابڙو۔ڪي ڪي بروهي۔ حيات ميراڻي۔ صدر الدين جوڻيجو۔مختيار برفت سميت وڏي ۾  شھرين ڀرپور شرڪت ڪئي .

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھري مسئلن جي حل لاء گذريل ٽن ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن چونڊيل نمائندا توڙي ڊي سي ڄامشورو۔ ٽائون انتظاميه ۽ ضلعي چيئرمين۔ ڄامشورو جي مسئلن ، سينڊوز روڊ ٺھرائڻ ، شھر جو ڊرينيج نظام درست ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهن۔شهر جي اڪثر علائقن جي بدترين حالت آهي جتي عام ڏينهن توڙي برساتن ۾ عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي وڃي ٿو سينڊوز روڊ جي ٻنهين پاسن واري آبادي سخت متاثر آهي هن روڊ سان 15 کان وڌيڪ ڳوٺ ۔ ٻه ملٽي نيشنل ڪمپنيون۔ ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ٿاڻو لڳي ٿو.

جن جي اچ وڃ هن روڊ سان جيڪي مجبورن متبادل رستا اختيار ڪن ٿا روڊ جي حالت انتهائي خراب آهي جتان پيادل هلندڙ ٻارڙن، عورتن، مردن کي  اچ وڃ ۾ سخت تڪليف ٿئي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته جيستائين مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رهندو.