ٽنڊوڄام ويجھو کيسانه موري تي جنرل قاسم سليماني جي قتل خلاف ريلي

news

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام ويجھو کيسانه موري تي جنرل قاسم سليماني جي قتل خلاف ريلي، احتجاجي مظاھرو. خبر موجب انجمن مقصد امام حسين عليه السلام کيسانه موري پاران ايران جي جنرل قاسم سليماني ۽ ٻين کي شھادت خلاف امام بارگاھ مقصد امام حسين عه کيسانه موري کان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

انھي موقعي تي احتجاج ڪندڙن آمريڪا اسرائيل ۽ ڀارت خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪندا رھيا.  جڏھن ته احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن تاج محمد جمالي، حاڪم زرداري، چنيسر جمالي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ھميشه مسلمانن کي دھشتگردي جو نشانو بنائيندو پيو اچي ۽ مسلسل مسلمانن جو قتل عام ڪري رھيو آھي.

ھنن چيو ته قاسم سليماني جي شھادت پوري عالم اسلام لاءِ ڏک جي گھڙي آھي ۽ ڪنھن به صورت ۾ خاموش نٿو ويھي سگھجي. ھنن چيو ته عالمي قوتون آمريڪا جي دھشتگردي جو نوٽس وٺن ۽ آمريڪا جي  دھشتگردي خلاف ايران جو ساٿ ڏين.