نئون ديرو ۾ اکين جي علاج ۽ آپريشن لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

news

نئون ديرو: ڪراچيءَ جي سماجي ورڪر پاران آءِ ايڇ ايس لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر ڊاڪٽر خليل احمد ڪٽپر، نئون ديرو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر امداد گهانگهرو، اکين جي ماهر ڊاڪٽر ڊاڪٽر الهڏنو تنيو، سماجي ورڪر جاويد ناريجو جي سهڪار سان نئون ديرو اسپتال ۾ اکين جي علاج ۽ جديد مشين ذريعي آپريشن لاءِ ٻن ڏينهن واري مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي.

جنهن ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽرن الهڏنو تنيو، عبدالقادر شيخ ۽ ذوالفقار مگسي ڪراچيءَ جي ٽيم سان گڏجي پهرين ڏينهن تي 300 کان وڌيڪ مريضن کي تپاسي علاج ۽ مفت دوائون فراهم ڪيون جڏهن ته 100 کان وڌيڪ اکين جي نور کان محروم مريضن کي تپاسي جديد مشينري ذريعي آپريشن ڪري اکين جي بينائي واپس ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون.

ان موقعي تي علاج وٺندڙ مريض عورتن توڙي مردن جو چوڻ هو ته اکين جي بينائيءَ کان محروم هجڻ ڪري تمام گهڻي ڏکين حالتن مان زندگي گذري رهي آهي. هن ڪوشش سان اسان کي اکين جي روشنائي واپس ملي وئي ته اسان جي اونداهي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر روشن ٿي ويندي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر خليل احمد ڪٽپر، ڊاڪٽر امداد گهانگهرو، ڊاڪٽر الهڏنو تنيو، جاويد ناريجو جو چوڻ هو ته ڪراچيءَ جي سماجي ڪارڪن پاران پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط تي نئون ديرو ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ڪئمپ لڳرائي آهي جنهن سان نئون ديرو، رتوديرو، بنگل ديرو سميت ڀرپاسي جي ننڍن وڏن علائقن جي ماڻهن کي اکين جي بينائي واپس ڏيارڻ ۾ مدد ملي ويندي.

هنن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي پاران ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن هن مفت ڪئمپ مان ماڻهو ڀرپور فائدو وٺي سگهن. ان لاءِ اسان ننڍن وڏن ڳوٺن توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ لائوڊ اسپيڪرن تي پڙها ڏياريا آهن ته جيئن ڄاڻ ملڻ ڪري هو هتي اچن ۽ علاج وٺي ڀرپور فائدو حاصل ڪن ۽ اسان جي ڪوشش رهندي ته هتي ٻين مختلف بيمارين بابت به مختلف وقتن تي ڪئمپون لڳرائي ماڻهن کي علاج جون بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهون.