وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ سون ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو

news

واشنگٽن: (اربع 08 جنوري 2020ع) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ  کان پوءِ سون ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. سون جي قيمت 17 ڊالر وڌي 1591 ڊالر في اونس ٿي وئي جڏهن ته آمريڪي خام تيل 82 سينٽ اضافي سان گڏ 63 ڊالر 53 سينٽ في بيرل ٿي وئي.

برطانوي خام تيل ۾ 94 سينٽ جو اضافو ٿيو. جڏهن ته 69 ڊالر 25 سينٽ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

ياد رهي ته جنرل قاسم سليماني جي قتل کان پوءِ ايران طرفان بغداد ۾ عين الاسد ۽ اربيل آمريڪي هوائي اڏن تي ميزائل حملا ڪيا ويا.