آمريڪا ۾ ٽنگن کان محروم نوي ساله شخص جهاز مان ٽپو ڏئي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو

news

ڪيليفورنيا: (اربع 08 جنوري 2020ع) آمريڪا ۾ ٻنهي ٽنگن کان محروم 90 ساله شخص هوائي جهاز مان ٽپو ڏئي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.

پنهنجي  عمر جا 90 سال پورا ٿيڻ تي هن 13 هزار فٽ جي اوچائي تان ٽپو ڏنو ۽ ڪاميابي سان زمين تي لهي آيو.  اسٽين رورر هڪ عرصي تائين رياضي  ۽ طبعيات پڙهائيندو رهيو آهي ۽ هاڻ رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. ان جي ڌيءَ هڪ ڏينهن ان کي چيو هو ته هو همت ڪري ۽ ان سان گڏ هوائي جهاز تان اسڪائي ڊائيونگ ڪري.

ان سوال تي غيرامڪاني طور تي اسٽين فوري طور تي ها ڪري ڇڏي. ان جي ڌيءَ چيو ته والد کي مذاق ۾ ائين چيو هو پر هو پنهنجي همت جي ڪري ان خطرناڪ ڪم تي راضي ٿي ويو. ان جي ڌيءَ موجب هاڻ به هو ٽينس  جو بهترين رانديگر آهي ۽ 80 جي ڏهائي ۾ رت جي لوٿڙن جي ڪري ٻنهي ٽنگن کان محروم ٿي ويو هو. ان کان اڳ هو موٽر سائيڪل جو  بهترين ڊرائيور رهيو آهي ۽ هاڻ وهيل چيئر تي ٽينس کيڏي نوجوانن کي به شڪست ڏيندو آهي. ان کان علاوه اسٽين ننڍي ٻيڙي جي ذريعي ٻيڙي هلائڻ جو به ماهر آهي.

هي ٻيڙي ان جي لاءِ خاص طور تي ڊيزائن ڪئي وئي آهي جنهن کي اسٽين تمام گهڻي مهارت سان اڳيان وڌائي ٿو. ان جي ڌيءَ موجب عمر جي حساب سان منهنجي والد جو حوصلو تمام گهڻو بلند آهي ۽ ان جو عزم ڪيترن ئي ماڻهن جو جذبو اٿارڻ جو اهم سبب به آهي.اسٽين هزارين فٽ اوچائي تان زمين تي لهڻ کان پوءِ ان تجربي کي نهايت ئي خوبصورت ۽ نه وسارڻ جوڳو قرار ڏنو آهي.