ڊاڪار ريلي جو ٽيون مرحلو اسپينش جي ڊرائيور ڪارلس سائنز کٽي ورتو

news

رياض: (اربع 08 جنوري 2020ع) سعوديه جي صحرائي ٽريڪ تي جاري ڊاڪار ريلي جو ٽيون مرحلو اسپينش ڊرائيور ڪارلس سائنز کٽي ورتو آهي.

ڪچي رستن تي پڪي مهارتن سڀني جا دل کٽي ورتا. ڌوڙ اڏائيندڙ گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن شوقينن کي به جوشيلو ڪري ڇڏيو.

سعودي عرب جي صحرائي شهر نيوم جي علائقي ۾ ڊاڪار ريلي جون ٽيون مرحلو، 427 ڪلو ميٽر ڊگهي ٽريڪ جي بيابان رستن تي ڊرائيورن ڪافي مهارتون ڏيکاريون.

مٽي اڏائيندڙ گاڏين ڏسندڙن کي  به جوشيلو ڪري ڇڏيو. ٻه ڀيرا چيمپين رهندڙ اسپين جو ڊرائيور ڪارلس سائنز سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو.

دفاعي چيمپين ناصرالعطانيه چار منٽن ۽ 55 سيڪنڊن جي فرق سان ٻئين نمبر تي رهيو. آمريڪي موٽر سائيڪلسٽ رڪي بريبڪ پنهنجي برتري ڏيکاري.