نجم سيٺي ۽ پي سي بي ۾ هلندڙ تڪرار جي ڪابه اڳڀرائي سامهون نه اچي سگهي

news

ڪراچي: (اربع 08 جنوري 2020ع) نجم سيٺي ۽ پي سي بي وچ ۾ تڪرار تي پراسرار خاموشي برقرار آهي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي خلاف عدالت سان رابطو ڪيو هو پر ڪافي عرصي کان ڪابه اڳڀرائي سامهون نه اچي سگهي آهي.

نجم سيٺي جي جڳهه تي احسان ماني کي گذريل سال پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه بنايو ويو هو. هن بطور ايگزيڪٽو ڪميٽي چيف پنهنجي لاءِ 5 لک روپيه ماهوار پي ايس ايل الائونس مقرر ڪيو هو. نئين انتظاميه ان مد ۾ هڪ ڪروڙ 41 لک 81 هزار 570 روپين جو ڪليم نامنظور ڪندي رقم روڪي ڇڏي هئي. ان تي نجم سيٺي عدالت سان رابطو ڪيو هو.

جواب ۾ پي سي بي ان طرفان وصول ڪيل 72 لک 74 هزار 429 هزار روپين جي غير منظور ٿيل الائونس، بينيفٽس تي سوال اٿاريندي واپسي جي لاءِ ڪليم داخل ڪري ڇڏيو هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪافي  عرصو گذرڻ جي باوجود ان حوالي سان ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

ان دوران اڳوڻي چيئرمين جو رويو به محتاط رهيو ۽ هو موجوده انتظاميه  کي تنقيد جو نشانو بنائيندي پاسو ڪندو رهيو. اهڙي طرح چيئرمين پي سي بي به ان جي باري ۾ صحافين سان گهڻيون  ڳالهيون ناهن ڪيون.

ذريعن موجب نجم سيٺي سياسي تجزيه نگار به آهي ۽ هن  کي حڪومت جو مخالف به سمجهيو ويندو آهي. ان جي لاءِ اهڙي ڪنهن سڌي سنئين ڪارروائي کان پاسو ڪيو ويو جنهن ۾ سياسي انتقام جو تاثر سامهون اچي.