حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جي سڏ تي اڏيرولال اسٽيشن پريس ڪلب پاران احتجاجي مظاهرو

news

اوڏيرولال: حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جي سڏ تي اڏيرولال اسٽيشن پريس ڪلب  پاران پريس ڪلب اڏيرولال اسٽيشن  اڳيان حافظ امتياز علي چنا ، عبدالغفور هنڱورو ، فضل بلوچ ، الهورايو خاصخيلي ، شاهنواز ڇٽو ،رائو فرقان راجپوت ، محمد ساجن ميرجت ، عبدالرزاق ميرجت ۽ ٻين ميڊيا هائوسس مان جبري طور برطرف ڪيل صحافين ۽ ويج بورڊ لاڳو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصي کان ميڊيا هائوسسز پاران بغير ڪنهن نوٽيس جي صحافين کي نوڪرين مان نيڪالي ڏيڻ ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي بيورو آفيسز بند ڪري ملازمن کي بي روزگار ڪرڻ جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ته حڪومت به ميڊيا جي ادارن کي نقصان پهچائڻ بند ڪري ۽ انهن کي اشتهار جاري ڪري ته جيئن بي روزگار ٿيندڙ صحافي بچي سگهن.

اسان هن وقت رڳو پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون ميڊيا خلاف سازشون بند نه ڪيون ويون ته اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسون.