پريس ڪلب اوڏيرولال اسٽيشن جون سالياني چونڊيون، عبدالغفور هنڱورو صدرچونڊجي ويو

news

اوڏيرولال : پريس ڪلب اوڏيرولال اسٽيشن جون سالياني چونڊيون پريس ڪلب ۾ ٿي گذريون جنهن ۾ عبدالغفور هنڱورو صدر ۽ فضل بلوچ جنرل سيڪريٽري چونڊي جي ويا .

جڏهن ته سينئر نائب صدر جمعا خان ساهووال ، نائب صدر شاهنواز ڇٽو ، ڊپٽي جنر سيڪريٽري رائو فرقان راجپوت ۽آفيس سيڪريٽري ساجن ميرجت ، به چونڊيا ويا.

جڏهن ته ورڪنگ ڪاميٽي لاءِ  حافظ امتياز چنا ، الهورايو خاصخيلي ، عبدالرزاق ميرجت ،سڪندرساهووال ، منتقب ڪيا ويا ، جڏهن ته هن موقعي تي پريس ڪلب اوڏيرولال اسٽيشن خطاب ڪندي چيو ته  اسان جي پريس ڪلب اوڏيرولال اسٽيشن سڌائين هتي جي عوام جي مسئلن کي ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

۽ اسان هاڻ به بنا ڪنهن فرق جي عوام جو آواز اعلا ايوانن تائين پهچائيندا رهندسين.