ڄامشورو ۾ مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪاميٽي جو چوٿين ڏينهن به احتجاج جاري

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سينڊوز روڊ جومرمتي ڪم ۽ ڊرينج نالي جي بحالي لاء ڄامشورو جدوجھد ڪاميٽي پاران چوٿين ڏينهن به احتجاج کي جاري رکندي اڳواڻن عرفان برفت، اسماعيل چانڊيو، ساگر عالماڻي، قربان رودناڻي ،عبدالغني مگسي ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي علامتي بک هڙتال ۾ ايس يو پي جي حافظ بخشل سهڙو، قادر بخش ڀلائي، سرور برفت، جسقم ڪامريڊ سومر خان جمالي، شھيد ڀٽو جي سليمان ڀلائي، پي ٽي آءِ لاهوتي حبيب الله آمڙو،شلوا چيئرمين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، ڄامشورو شھري ايڪشن ڪاميٽي ربنواز ابڙو، اين بي کوسو،آزاد بلوچ، دڪاندار يونين ظهير ڪانڌڙو، علي رضا لاڙڪ، دانش منظور ٿهيم،سرمد سهارڻ، چيتن ڪمار،مگسي پينل جي زاهد مگسي، صدام مگسي، سماجي اڳواڻن بحر بوٿرائي، سميت صحافين شھرين ڀرپور شرڪت ڪئي .

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھري مسئلن جي حل لاء گذريل چئن ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون چونڊيل نمائندا توڙي ڊي سي ڄامشورو ڄامشورو جي مسئلن ، سينڊوز روڊ ٺھرائڻ ،شھر جو ڊرينيج نظام درست ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهن عام ڏينهن توڙي برساتن ۾عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي وڃي ٿو.

روڊ جي حالت انتهائي خراب آهي جتان ٻارڙن، عورتن، مردن کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليف ٿئي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته جيستائين مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رهندي.