سڪرنڊ ۾ جنڊاھڙا برادري جي پراڻي تڪرار تان ڀاء ھٿان ڀاء قتل

news

سڪرنڊ :  نوناري سي اين جي وٽ جنڊاھڙا برادري جي پراڻي تڪرار تان ڀاء ھٿان ڀاء قتل، جوابدار ڪھاڙين جا وارڪري پھلاج جنڊاھڙي کي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي سڪرنڊ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي لاش تعلقا اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جي وارث نازو جنڊاھڙو جو چوڻ ھو ته جوابدار مڪيش جيڪو پھرين منھجو مڙس ھو ۽ فوتي پهلاج جو ڀاءُ ھو جيڪو مون کي ڇڏي ڪجھ وقت اڳ منھنجي ننڍي ڀيڻ کي اغوا ڪري ان سان پيار جو پرڻو ڪري مسلمان ٿيو،

  جنھن سان تڪرار ھلندڙ ھو اڄ صبح مڪيش پنھنجي ڀاء پھلاج کي ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو آھي ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي سڪرنڊ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار واردات ڪري فرار ٿي ويو آھي جنھن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.