سجاول ۾ ڇتي ڪتي معصوم ٻارڙي کي ڏاڙهي وڌو، سخت زخمي

news

سجاول : سجاول ۾ ڇتي ڪتي معصوم ٻارڙي کي بيدردي سان ڏاڙھي وڌو،ڪتن جي آزار سبب شھري پريشانيءَ جو شڪارٽائون انتظاميه ننڊ پيل،معصوم ٻارڙا ڪتن جو کاڄ بڻجڻ لڳا.

سجاول ۾ ھڪ پاسي زخمي ڪتا بيماريون پکيڙڻ جو سبب بنجي رھيا آھن تہ ٻئي پاسي ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي.سجاول وارڊ 10 جي رھائشي چار سالن جي  مصعوم ٻارڙي ڪبير پٽ سليم خاصخيلي کي رولو ۽ ڇتي ڪتي ڏاڙھي ورتو ۽ کيس شديد زخمي ڪري ڇڏيو.

معصوم ٻارڙي کي ترت سول اسپتال سجاول پھچايو ويو.جتي سھولتن جي کوٽ سبب کيس ٺٽو سول اسپتال روانو ڪيو ويو.

سجاول جي گھٽين ۽ روڊن تي ڪتن جا ولر موجود ھئڻ باوجود ٽائون انتظاميه اڃان تائين ڪتن خلاف ڪوبہ قدم نہ کنيو آھي ۽ شھرين ۽ معصوم ٻارڙن کي ڪتن جو کاڄ بڻجڻ ڏنو پيو وڃي.