قومي ريسلر انعام بٽ اڄ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندو: تياريون مڪمل

news

گوجرانوالا: (خميس 09 جنوري 2020ع)  ايشين بيچ ريسلنگ چيمپين شپ ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ قومي ريسلر انعام بٽ اڄ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندو.

قومي ريسلر جي وليمي جي دعوت طئي ٿيل پروگرام موجب هڪ ڏينهن کان پوءِ 10 جنوري تي ٿيندي. ڄڃ جي حوالي سان سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. 

ميڊيا رپورٽ موجب گذريل رات قومي ريسلر جي مهندي جي رسم ادا ڪئي وئي جنهن ۾ شرڪت جي لاءِ هو گهوڙي تي سوار ٿي مقامي هال پهتو جتي سندس مائٽن ۽ دوستن  بهترين استقبال ڪيو. ريسلر انعام بٽ ان يادگار موقعي جي لاءِ شلوار ۽ قميص پاتي هئي جنهن ۾ هو نهايت خوش ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو.

ميڊيا رپورٽ موجب پنهنجي مهندي جي تقريب کي يادگار بنائڻ  جي لاءِ انعام بٽ تقريب ۾ موجود دوست پهلوانن سان گڏ روايتي گرز کنيا ۽ پوءِ دوستن جي گهڻي زور ڀرڻ تي انهن سان گڏ ڊانس به ڪئي. مهندي جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جي تواضح حلوه پوري ۽ ٻين کاڌن سان ڪئي وئي.

ريسلر انعام بٽ جي خوشي ۾ شرڪت جي لاءِ مشهور پهلوانن سميت ٻيا معزز پهتا هئا. جڏهن ته ان جي چاهيندڙن جو وڏو انگ به اتي موجود هو جيڪي پنهنجي قومي هيرو جي هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ بيچين هئا.