ميرپورخاص ڊويزن ۾ پنج سالن ۾ ڇهه سئو ڇاهٺ خودڪشين جا واقعا رپورٽ

news

ميرپورخاص :ميرپورخاص ڊويزن جنهن ۾ ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ خودڪشي جي واقعن جو رجحان وڌي ويو، سال 2019 ۾ انگ اکر موجب،

ٿرپارڪر ۾ 77. عمرڪوٽ ۾ 56 ۽ ميرپورخاص ۾ 27 خودڪشين جا واقعا پيش آيا، 5 سالن ۾ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 666 خودڪشي جا واقعا رپورٽ ٿيا،

جڏهن ته ميرپورخاص ڊويزن جي ننگر پارڪر، ڇاڇرو، ڏاهلي، ڏيپلو ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف شهرن توڙي ٻهراڙي جي علائقن ۾ خودڪشي جا واقعا رپورٽ ئي نه ٿيا آهن ۽ تازو شادي پلي ٿاڻي ۾ پوليس تحويل ۾ قتل ٿيل ڪانڀو شر کي به پوليس پاران موت کي خودڪشي قرار ڏنو ويو،

ميرپورخاص ۾ وومين ڊولپمينٽ کاتو هئڻ باجود غير فعال بڻيل آهي، وومين ڊوليپمينٽ کاتي پاران گذريل سال صرف 20 عورتن جي خودڪشين جي رپورٽ ڪئي، جڏهن ته ڪروڙين روپيا بجيٽ هئڻ باوجود اهو کاتو عير فعال بڻيل آهي، فنڊ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ملڪي ۽ غير ملڪي ڊونر ادارن کان فنڊنگ ورتي ٿي وڃي،

پر ڪو به جاڳرتا ۽ ڀلائي وارو ڪم ڏسڻ ۾ نٿو اچي، مختلف ذريعن کان ملندڙ انگ اکر موجب ميرپورخاص ڊويزن جي سڀ کان ٿرپاڪر ضلعي ۾ 77 خوڪشين جا واقعا پيش آيا، جنهن ۾ 24 رپورٽ ٿيون ۽ 53 رپورٽ نه ٿي سگهيون، جنهن ۾ عورتن جو تعداد  47 ۽ مردن جو تعداد 30 آهي، جنهن ۾ 54 هندو ۽ 23 مسلمان شامل آهن، اهڙي طرح  عمرڪوٽ ضلعي ۾ 56 خودڪشين جا واقعا پيش ٿيا،

جنهن ۾ صرف 5 خودڪشيون رپورٽ ٿيون ۽ 51 رپورٽ نه ٿي سگهيون، جنهن ۾ مردن جو تعداد 29 ۽ عورتن جو تعداد 27 آهي، جڏهن ته 39 واقعا هندن ۽ 17 مسلمانن سان ٿيا،  اهڙي طرح ميرپورخاص ضلعي ۾  ٽوٽل 27 خودڪشين جا واقعا ٿيا، جيڪي 22  رپورٽ ٿيون ۽ 5 رپورٽ نه ٿي سگهيون،

جنهن ۾ 14 مرد ۽ 13 عورتون شامل آهن، جڏهن ته 20 واقعا هندن ۽ 7 واقعا مسلمانن سان پيش آيا، خودڪشين ڪندڙن جون عمرون سڀ کان وڌيڪ 21 کان 40 تائين جون آهن ٻئي نمبر تي 15 کان 20 سالن تائين جا نوجوان شامل آهن، مليل ڄاڻ موجب زهر پيئڻ ۽ گلي ۾ ڦاهو وجهي خودڪشيون ڪرڻ جا واقعا پيش آيا،

جڏهن ته قانون هئڻ باجود پوليس پاران واقعن کي لئي مٽي ڪيو ويندو آهي، جنهن جي جاچ نه ٿيندي آهي، جڏهن ته پوليس پاران اڪثر واقعن کي خوڪشي قرار ڏئي مرڻ جا اصل ڪارڻ معلوم نه ڪيا ويندا آهن ۽ پوليس قتل کي خودڪشيون قرار ڏئي ڇڏيندي آهي،

جڏهن ته والدين پاران به جاڳرتا نه هئڻ ۽ دٻاءُ سبب قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويندي آهن. ان موقعي تي انساني حقن جي اڳواڻ وڪيل ڪانجي راڻو ڀيل ۽ سماجي اڳواڻ وڪيل ممتاز جروار چيو ته خودڪشين جو مک ڪارڻ بک بد حالي ، ڏڪار، گهٽ تعيلم، بيروزگاري ، ننڍي عمر ۾  شادين ۽ عدم برداشت  آهي، ميرپورخاص ڊويزن ۾ خودڪشيون اقليتي برادري جي ڪولهين ، ڀيلن ۽ ميگهواڙ برادري جي ماڻهن ۾ ٿين ٿيون،

جنهن ۾ عورتن جو تعداد سڀ کان گهڻو آهي، جڏهن ته اين جي اوز اڪثر صرف ٽيبل  ورڪ تائين محدود آهن، ڊونرز کان فنڊ وٺي، فوٽو سيشن ڪري فنڊ هڙپ ڪن ٿا.