ڪوئٽه کان ڪراچي ايندڙ بس حادثي جو شڪار، ٽي ڄڻا فوت

news

ڪوئٽه: (جمعو 10 جنوري 2020ع)   خضدار جي علائقي اورناچ جي ويجهو مسافر ڪوچ ۽ مزده ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 17 زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب مسافر ڪوچ ڪوئٽه کان ڪراچي اچي رهي هئي ته خضدار جي علائقي اورناچ جي ويجهو مسافر ڪوچ تيز رفتار مزده سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتا جن زخمين ۽ لاشن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال خضدار منتقل ڪيو.