سکر ۾ پيرا ميڊيڪل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال

news

سکر: سکر ۾ پيرا ميڊيڪل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سول اسپتال ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ 2 ڪلاڪ ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکي  ڊاڪٽرن  به پيرا ميڊيڪل اسٽاف سان گڏ احتجاج ۾ حصو ورتو. 

سکر سول اسپتال جي او پي ڊي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  اڳواڻن الطاف کوسو عبدالحميد سولنگي، ارشد شاهه، عنايت جتوئي، امداد جتوئي ۽ ٻين چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پيرا ميڊيڪل اسٽاف مطالبن جي مڃتا لاءِ   احتجاج ڪيو پيو وڃن.

پر حڪومت سندن  مطالبن کي تسليم ناهي ڪري رهي. مطالبا پورا نه ٿيڻ سبب ملازم سخت پريشاني واري صورتحال مان گذري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سندن جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن.