ڪوئيٽا: مدرسي ۾ ڌماڪو، ڊي ايس پي سميت پندرهن ڄڻا شهيد

news

ڪوئيٽا: ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ ڊي ايس پي امان الله سميت 15ڄڻا شهيد ۽ 19 زخمي ٿي پيا. 

ڌماڪو سيٽلائيٽ ٽائون جي علائقي غوث آباد جي هڪ مسجد، مدرسي ۾ ٿيو، جنهن جي نوعيت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) ڪوئيٽا عبدالرزاق چيما ڌماڪي ۾ ڊي ايس پي امان الله جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. 

پوليس موجب ڌماڪو سيٽلائيٽ ٽائون جي علائقي غوث آباد جي مسجد ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊي ايس پي امان الله سميت 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا. 

زخمين ۽ مارجي ويلن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.