منهنجي حڪومت ڪوبه سفارشي نظام نه آڻيندي: وزيراعظم عمران خان

news

نوشهره: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جو سڀ کان وڏو چئلينج پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ آهي. منهنجي حڪومت ڪو به سفارشي نظام نه آڻيندي. پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ڪرپشن متعلق شڪايت ڪن، منهنجو ڪم انهن کي ڏسڻ آهي.
نوشهره ۾ ڊراءِ پورٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته احساس پروگرام جي تحت اسان هيٺين طبقي جي لاءِ ڪارڊ ٺاهي رهيا آهيون، ان جي ذريعي انهن کي پئسا به ملندا ۽ ضرورت جون شيون به خريد ڪري سگهندا. ان کانسواءِ سڄي پاڪستان جي غريب ڪٽنبن کي صحت انصاف ڪارڊ ملندو.
وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ان سال اسان 50 لک گهر بڻائڻ شروع ڪري رهيا آهيون. نئون پاڪستان هائوسنگ سوسائٽي سبب پگهاردار طبقو قسطن ۾ گهر خريد ڪري سگهندو. هائوسنگ جي منصوبي تي ڪم شروع ٿيندي ئي انڊسٽريز ۾ ڪم وڌندو.
پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته ريل گاڏي ۾ عام ماڻهو سفر ڪندو آهي، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته پاڪستان ريلوي کي کڻون. ريلوي هڪ اهڙو ادارو بڻجي جيڪو پي آءِ اي ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جو مقابلو ڪري سگهي.
هن چيو ته اڄ تائين پاڪستان ۾ ريلوي نظام جي بهتري جي لاءِ ڇو پئسا خرچ ناهن ڪيا ويا؟ ريلوي جون حالتون بگڙجنديون ويون ۽ اهو هن حد تائين پهچي ويو. اسان اربين رپين جي سرڪاري زمينن تان قبضا ڇڏرايا آهن. ريلوي جي ايراضي وڪڻي ريلوي جو خسارو ختم ڪنداسين.
وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ايم ايل ون ريلوي ۾ انقلابي تبديلي آڻينداسين. ان منصوبي جي تڪميل سان پشاور کان ڪراچي تائين جو سفر 8 ڪلاڪن ۾ طئه ٿيندو.